فلم ”اوم شانتي اوم“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جي خواهش آهي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته سندس فلم ”اوم شانتي اوم“ جو سيڪوئل ٺهي. اداڪار شاهه رخ فلم اوم شانتي اوم جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اها سندس ڪيريئر جي اهم ترين فلم ثابت ٿي جنهن شاندار ڪاميابي ماڻي. ڏهه سال گذرڻ باوجود فلم جي شهرت ۾ گهٽتائي ناهي آئي، ماڻهو اڄ به ان فلم کي ڏسندا ۽ پسند ڪندا آهن. سندس دلي خواهش آهي ته هدايتڪار فرح خان ان فلم جي سيڪوئل فلم ٺاهي ۽ کيس فلم جي سيڪوئل ۾ پڻ ڪم جو موقعو ملي. سندس ان پيغام جي ردعمل ۾ هدايتڪار فرح خان جو چوڻ هو ته هوءَ فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ تي غور ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *