فلم انڊسٽري صنفي معاملن ۾ بهتري آئي آهي: ڪيٽ ونسليٽ

ڪراچي (شوبز نيوز)هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ چيو آهي تھ فلم انڊسٽري صنفي معاملن ۾ بهتري آئي آهي، تنهنڪري عورتون چيلنجن کي منهن ڏيڻ خاطر اڳيان اچن. ڪينز ميلي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ عورتن خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين وٽ هاڻ اڳتي اچڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، مان اڄ جنهن مقام تي آهيان، ان پويان 20، 25 سالن جي جدوجهد کي ڏسڻ گهرجي. هن چيو تھ زندگي حيرت جو نالو آهي، چيلنج قبول ڪيا وڃن ۽ نالو ٺاهڻ ۾ محنت ڪرڻي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *