فلم انڊسٽري جي تباهي جا اسان پاڻ آهيون ۽ بحالي لاءِ به اسان کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو: ميرا

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪاره ميرا چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي تباهي جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ آهيون ۽ ان جي بحالي لاءِ به اسان کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو، ڀارتي فلمن جي پاڪستان ۾ نمائش سان به اسان جي انڊسٽري کي نقصان ٿي رهيو آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو دوران ميرا چيو ته فلم انڊسٽري جي مضبوطي لاءِ بهتر معيار به ضروري آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي علطين کي تسليم ڪندي هاڻي به پاڻ کي ٺيڪ ڪريون ۽ سڄو ڌيان فلم انڊسٽري تي ڏيون ته ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان انڊسٽري جي حالتن کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *