ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره منشا پاشا چيو آهي ته فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ صرف ڳالهيون نه پر عملي قدم کڻڻا پوندا. سنجيده ماڻهو متحد ٿي وڃن ته انڊسٽري کي ڪجهه ئي ڏينهن دوران پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو.ميڊيا رپورٽ موجب منشا پاشا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فلم انڊسٽري جي بحران سبب فنڪارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستاني سئنيمائن تي پرڏيهي فلمون حاوي آهن اسان جي ثقافت به متاثر ٿي رهي آهي. فلمسازي جي شعبي کي تحفظ ڏيڻ وقت جي تقاضا آهي. اداڪاره منشا پاشا هونئن ته اداڪاره آهي پر پنهنجي ويزن سان ڀريل بيانن کان پوءِ مداحن ۾ به سندس مشهوري وڌي رهي آهي.هن فلم لال ڪبوتر ۾ بهترين اداڪاري جو مظاهرو ڪيو. ان جو ڪردار اهڙي ڇوڪري جو هو جيڪا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حياتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي آهي جنهن کان پوءِ کيس پنهنجي منزل ملي ويندي آهي. منشا پاشا ٽي وي ڊرامن ۾ به بهترين اداڪاري جو مظاهرو ڪندي رهندي آهي. هن فلم ۾ بهترين اداڪاره لاءِ نامزدگي تي اسٽائل ايوارڊ جي جيوري جو به ٿورو ادا ڪيو.