فلم ”الادين“ جون باڪس آفيس تي ڪاميابيون جاري

ڪيليفورنيا (شوبز نيوز) عالمي باڪس آفيس تي ڊزني جي فلم ”الادين“ ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهي رهي آهي ۽ ايڊونچر سان ڀريل فلم هن وقت تائين/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 41

600 ملين ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي.  27 ورهين کان پوءِ نئين انداز ۾ پيش ڪيل ڊزني جي جڳ مشهور ڪارٽون فلم ”الادين“ مداحن کي ايتري ته پسند آئي آهي جو رليز ٿيڻ کان پوءِ ٽن هفتن اندر ئي فلم 600 ميلن ڊالرن کان وڌيڪ جو ڪامياب ترين ڪاروبار ڪري ورتو آهي.  الادين 2019ع جي ڪامياب ترين ڪاروبار ڪندڙ چوٿين وڏي فلم بڻجي چڪي آهي، پنهنجي ڪامڪ ٽائمنگ سبب مشهور اداڪار ول سمٿ کي جِنَ جي ڪردار ۾ گھڻي موٽ ملي رهي آهي، ڪاميڊي سان ڀرپور فلم ۾ سڀني اداڪارن کي مداحن طرفان ڀرپور داد پڻ ملي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *