
ممبئي:ڀارتي اداڪارا شروتي هاسن چيو آهي ته هو فلمن م ڪاميابي يا ناڪامي هڪ پاسي رکي اڳتي جي لاءِ وک وڌائيندي آهيان.هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته مان بالي وو۾ جاءِ ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجي پيءُ ڪمل هاسن جو سهار ورتو آهي،جڏهن ته اهو اندازو بلڪل غلط آهي. شروتي هاسن جو چوڻ هو ته منهنجو پيءُ چوندو هو ته تون ميوزڪ ۾ قسمت آزمائي ڏس،پر مان کيس اداڪاري ڪرڻ جو چيو.بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو پيءُ منهنجي رهنمائي ضرور ڪندو آهي پر انهيءُ جو مطلب ڪڏهن به اهو ناهي ته منهنجي ڪاميابي ۽ ناڪامي ۾ بابا جو هٿ آهي،فلمن ۾ ميرٽ جي بنياد تي آئي آهيان.