فلمن ۾ اڄوڪي دور جي بهادر ۽ همت وارين عورتن جي عڪاسي ڪرڻ چاهيان ٿي: پريانڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته کيس فلمن ۾ بااختيار عورتن جو ڪردار ڪرڻ تمام گهڻو پسند آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق پريانڪا چوپڙا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مان پنهنجي فلمن ۾ اڄوڪي دور جي بهادر ۽ همت وارين عورتن جي عڪاسي ڪرڻ چاهيان ٿي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهون ته ڀارتي عورتون مظلوم ۽ لاچار ناهن، هن چيو ته اهڙن ڪردارن ذريعي مان دنيا کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته ڀارتي عورتون پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ٿيون، پريانڪا چوپڙا پنهنجي ايندڙ فلم جئه گنگا جل ۾ هڪ سخت روئي واري پوليس آفيسرياڻي جي ڪردار ۾ نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *