فلمساز ڪرن جوهر ۽ هدايتڪار روهت شيٽي فلم جي ريميڪ جي ڪاسٽ لاءِ اڃا ڪو رابطو ناهي ڪيو: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور 1989ع جي هٽ فلم انيل ڪپور ۽ جيڪي شيروف جي رام لکن جي ريميڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته فلمساز ڪرن جوهر ۽ هدايتڪار روهت شيٽي فلم جي ريميڪ جي ڪاسٽ لاءِ اڃا ڪو رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته ڪرن ۽ روهت سان ان سلسلي ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، جڏهن ته هو ڌرما پروڊڪشن سان ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. واضح رهي ته شرڌا ڪپور ”عاشقي ٽو، ايڪ ولين، حيدر ۽ اي بي سي ڊي“ جهڙيون ڪامياب فلمون ڪري چڪي آهي جڏهن ته سندس ايندڙ فلمون ”راڪ آن ٽو ۽ باغي“ آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *