فلمساز اداري ساشاآغا کي ٻن نئين ڪمرشل فلمن ۾ سائن ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره ۽ فنڪاره سلما آغا جي ڌيءَ آداڪاره ۽ ماڊل ساشا آغا جي فني صلاحيتن جو اعتراف ڪندي بالي ووڊ جي هڪ مشهور فلمساز اداري کيس پنهنجي ٻن نئين ڪمرسل فلمن ۾ سائن ڪري ورتو فلم ۾ ساشا سان گڏ بالي ووڊ جا مشهور هيرو هوندا پر فلم جو نالو ڪاسٽ ۽ ٻي معلومات کي باقاعده پريس ڪانفرنس ذريعي منظر عام تي آندو ويندو فلمساز اداري ساشا آغا کي گرين سگنل ڏيڻ کان پوءِ فٽنس ۽ رقص تي خاص توجهه ڏيڻ جون هدايتون ڪيون ساشا آغا ٻڌايو ته محنت ۽ دلچسپي سان جيڪو به ڪم ڪيو وڃي ان جا نتيجا هميشه سٺو نڪري ٿو مون کي پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل ڀروسو هو انهيءَ ڪري مون کي ان ڳالهه جو اطمينان هو ته جلد ئي مان سٺي بينر جي فلم ۾ جوهر ڏيکاريندس تنهنڪري مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ايندڙ سال مان بالي ووڊ جي هڪ اهڙي فلساز اداري سان ڪم ڪندي نظر اينديس جنهن سان ڪم ڪرڻ هر مقبول ۽ نئين فنڪار جي خواهش هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *