
لاهور( شوبز نيوز ) فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.لاڏاڻي وقت علي اعجاز جي عمر 77 سال هئي ۽ هو ڪيتري ئي وقت کان دل جي بيماري ۾ ورتل هو ۽ هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. اداڪار علي اعجاز کي 12 سال اڳ فالج به ٿيو هو.علي اعجاز 1961ع ۾ فلم ”انسانيت“ سان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. علي اعجاز سوڳوارن ۾ بيواهه ۽ ٻه پٽ ڇڏيا آهن.