فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ نه ڪا تبديلي آئي آهي نه ايندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب واضح ڪيو ته فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ نه ڪا تبديلي آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي رياستي پاليسي واضح ۽ قوم جي بابي قائداعظم جي فرمانن تي ٻڌل آهي پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪائي پاليسي يا قدم نٿو ٿي سگهي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان قائم آهي هن چيو ته پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو وفد اسرائيل ناهي ويو هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق فلسطينين جي حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. دنيا ٻه رياستي حل کي خطي ۾ جٽادار امن جو ضامن سمجهي ٿي وفاقي وزير چيو ته 1967 کان پهريان جي سرحدن، بيت المقدس گادي واري هنڌ ۽ جاگرافيائي وحدت جي مالڪ فلسطيني رياست جوواعدو پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته والاريل فلسطين۽ ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊي تي پراڻا معاملا آهن جن جو حل عالمي برادري جي ذميواري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تي دنيا ۾ جٽادر امن هڪ خواب ئي رهندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *