فريحا پرويز ۽ نعمان جاويد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

لاهور (شوبز نيوز) ڳائڻي فريحا پرويز ۽ نعمان جاويد ڊگهي دوستي کانپوءِ شادي ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي جي نڪاح جي تقريب گذريل ڏينهن سادگي سان ٿي،جنهن ۾ سندس ويجها دوست،مٽ مائٽ شامل ٿيا.مقامي اخبار(خبرين) مطابق فريحا پرويز ۽ نعمان جاويد جي وچ ۾ ڪيتري ئي وقت کان گهري دوستي هئي۽ ان جي ڪري ئي سندس حوالي سان شادي جا چوٻول هلي رهيا هئا پر ٻنهي هميشا ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان ٻئي رڳو سٺا دوست آهيون.پر هن تقريب کانپوءِ اها ڳالهه اڳيان اچي وئي آهي ته هاڻي هو ٻئي هڪٻئي جا جيون ساٿي بڻجي چڪا آهن،جنهن جي وڏي تقريب جو اعلان هو تمام جلد ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *