فريال ڪنهن ٻئي سان رهڻ چاهي پئي، باڪسر عامر خان گهرواري کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) باڪسر عامر خان گهرواري فريال مخدوم کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ عامر خان جو چوڻ هيو ته زال ڪافي عرصي کان ڪنهن ٻئي شخص سان گڏ رهڻ چاهي پئي، ان لاءِ اسان ٻنهي گڏيل رضامندي سان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عامر خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ته هڪ وقت ۾ پنهنجي زال لاءِ پنهنجي فيملي ۽ دوستن کي به ڇڏي نو هيو، عامر خان پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ فريال کي لالچي قرار ڏنو آهي، عامر خان جو پنهنجي پيغام ۾ چوڻ هيو ته اهو هن وقت دبئي ۾ آهي، جڏهن ته اهو فريال خان لاءِ نيڪ خواهشون رکي ٿو، هوڏانهن فريال مخدوم جو چوڻ آهي ته عامر خان پنهنجا والدين ۽ گهر منهنجي ڪري نه ڇڏيا پر گهر وارا ان کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا هئا، ان سبب عامر خان پنهنجي گهر وارن کان ڌار ٿيو، فريال عامر خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته عامر مرد ٿي ۽ تسليم ڪر ته تنهنجو ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي ۽ تو باڪسر انٿوني تي الزام به ان ڪري لڳايا آهن، هن چيو ته عامر مون کي ۽ منهنجي ڌيءُ کي به خرچ نه ڏنو، ڌيءَ ۽ گهر جا سمورا خرچ مان پاڻ هلائيندي آهيان، عامر خان وڃي ۽ وڃي پنهنجي جاهل گهر وارن سان گڏ رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *