فرنٽ مينز جي نالي ٿيل 80 ڪنال سرڪاري زمين واپس ورتي وئي آهي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر دعويٰ ڪئي آهي ته ن ليگ جي 36 اڳواڻن کان 210 ارب رپين جي ريڪوري ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته ن ليگ وارن جي رڙين پويان اها حقيقت آهي، سياسي انتقام جو الزام پاڻ کي بچائڻ لاءِ آهي، رڳو پنجاب ۾ ن ليگ اڳواڻن کان 25 ارب رپين جي زمين آجي ڪرائي وئي، لاهور ۾ کوکرن کان ريڪوري ڪئي وئي، انهن سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو، جنهن جي ماليت ڏيڍ ارب رپيا ٺهي ٿي. هن ٻڌايو ته خرم دستگير جي سوا 9 ڪروڙ رپين جي زمين واپس وٺي پارڪ ٺاهيو ويو، ان کان هاڻ 5 ڪروڙ رپيا ڀنگ وٺڻ باقي آهي، هڪ ارب جي زمين چوڌري تنوير کان واپس ڪرائي وئي، دانيال عزيز کان اڍائي ارب رپين جي زمين واپس ڪرائي وئي. سندس موجب جاويد لطيف کان 8 ڪنال سرڪاري زمين، شيخوپورا مان هڪ اڏو واپس ورتو ويو، احسان الله باجوا کان ڪروڙين رپين جي زمين واپس ورتي وئي، مظهر رشيد کان 25 ايڪڙ زمين، جنهن جي ماليت 7 ڪروڙ ٺهي ٿي آجي ڪرائي وئي، اعجاز احمد کان 50 ڪروڙن جي زمين واپس ڪرائي وئي، عابد شير علي کان 2 ارب رپين جي قبضي جي زمين واپس ورتي وئي، مائزا حميد جي مڙس کان ڪروڙين رپين جي سرڪاري زمين آجي ڪرائي وئي. شهزاد اڪبر چيو ته عام ماڻهو حڪومتي ايراضي تي قبضو نٿو ڪري سگهي، اهي طاقتور آهن، پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي اڍائي سال شاندار رهي، انهن ماڻهن کان زمينون آجيون ڪرائڻ سولو ڪم نه هو، انهن سڀني کان زرعي ۽ ٻيلن جي زمين واپس ورتي وئي آهي، جيڪا حڪومتي ايراضي هئي، سيالڪوٽ ۾ هڪ غير قانوني پلازا ڪيرائڻ جو ڪم جاري آهي، خواجا آصف به سوسائٽي تي قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته نواز شريف ڇانگا مانگا جي سياست ۽ پئسي جي سياست کي هٿي ڏني، سپريم ڪورٽ تنهن ڪري نواز شريف لاءِ مافيا جو لفظ استعمال ڪيو، نواز شريف کان اڄ به پڇو سندس نظريو ڇا آهي ته هو نه ٻڌائي سگهندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *