فرحت الله بابر درست چيو ته فوج ۽ عدليه حدن ۾ رهن، سندس تقرير مان 100 سيڪڙو متفق آهيان: اعتزاز احسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جج زبان کان وڌيڪ ڳالهائيندا آهن ۽ قلم کان گهٽ ته منهنجي نظر ۾ حددخلي ڪندا آهن،  ٻين جون غلطيون ڪڍڻ کان پوءِ خود احتسابي تي عمل ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر اعتزاز احسن سينيٽ ۾ پنهنجي الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته فرحت الله بابر جي تقرير مان 100 سيڪڙو متفق آهيان ته عدليه کي پنهنجي دائري ۾ رهڻ گهرجي. هن چيو ته فرحت الله بابر درست چي ته فوج ۽ عدليه کي حدن ۾ رهڻ گهرجي، عدليه شاعري ڪرڻ لڳي ته طلب آهي ته کين خوف اچي رهيو آهي، ادارن جو احترام ڪندو آهيان پر پهرين اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي وڌائڻي آهي، اسان  وڏي دشمن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته سياسي اعتبار سان جڏهن گرفتار ڪيو ويو تڏهن آئون هڪ سال جو هيس، 1964ع کان آمرن خلاف جدوجهد ڪندو پيو اچان، 1964ع ۾ يونيورسٽي آرڊيننس جي خلاف جلوس ڪڍيا ته لاڪ اپ ۾ بند ٿيس. هن چيو ته 1977ع کان 1988ع تائي پاڪستان تي مارشل لاءِ جو گندو پاڇو رهيو، ڪوڙا هنيا ويندا هئا، فوجي عدالتون لڳنديون هيون، ڪيترائي ڀيرا جيل ويس، ڪڏهن گهڻي عرصي لاءِ جيل ويس ته ڪڏهن ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڇڏي ڏيندا هئا، ڪڏهن ۾ ويندو هيس ته گرفتاريون ٿينديون هيون، ڪيڏانهن وڃان ته جهنڊو کڻي منهنجي زال جلوس جاري رکندي هئي. هن چيو ته مشرف لالچ به ڏني، ٽي ڀيرا بار لائرز موومينٽ ڇڏڻ جي آڇ ڪئي، مشرف چيو ته لائرز موومينٽ ڇڏ ۽ وزير اعظم بڻجي وڃ، مون انڪار ڪري ڇڏيو، چار ڊڪٽيٽر آيا چئني جي خلاف عملي احتجاج ڪيو. ن ليگ جي عدالت تي تنقيد جي حوالي سان سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته عدليه تي تنقيد ڪندا آهن ته پاناما مان اقامي تي ڇو نااهل ڪيو ويو، توهان يوسف رضا گيلاني کي چوندا آهيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو مڃو، چوندا آهن ته فيصل جو احترام ڪندا آهيون پر پوءِ به هنن فيصلو نامنظور جا نعرا هڻايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *