فرانس جي اداڪاره مشهور هدايتڪار مٿان جنسي حراسمينٽ جو الزام لڳائي ڇڏيو

 

پيرس(شوبز نيوز) هونئن ته سڄي دنيا ۾ مي ٽو مهم جاري آهي جتي مختلف اداڪارائون پاڻ سان ٿيندڙ حراسمينٽ جي باري ۾ ميڊيا جي سامهون اچي رهيون آهن انهن مان ئي هڪ ٻيو اضافو فرانس جي ڪامياب اداڪاره اڊيل هينيل جو آهي جنهن هدايتڪار تي جنسي حراسمينٽ جو الزام لڳايو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فرانس جي ڪامياب ادڪاره اڊيل هينيل هلندڙ مهيني مشهور هدايتڪار ڪرسٽوف روجيا تي نوجواني ۾ جنسي حراسمينٽ جو الزام هڻندي فرانس جي فلمي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ اداڪاره ان جي خلاف پوليس اسٽيشن تي شڪايت به داخل ڪرائي ڇڏي آهي. اداڪاره پوليس ۾ داخل ڪرايل شڪايت ۾ هدايتڪار ڪرسٽوف تي الزام هنيو آهي ته هدايتڪار مون کي ان وقت جنسي طور تي حراسان ڪيو جڏهن منهنجي عمر 12 کان 15 سالن جي هئي.اداڪاره جي وڪيل موجب اڊيل جو چوڻ آهي ته دنيا جي سامهون حيران ڪندڙ حقيقتون سامهون آڻڻ کان پوءِ اها منهنجي ذميواري آهي ته مان باقاعده ان جي شڪايت داخل ڪرايان. ان کان اڳ اداڪاره جو چوڻ هو ته هو ڪڏهن به ان حوالي سان ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪندي جنهن جو سبب هن اهو ٻڌايو ته عورتن کي قانوني ڪارروائي دوران ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.ياد رهي ته اڊيل 4 نومبر تي ميڊيا پارٽ نيوز نالي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته ان جي پهرين فلم جي هدايتڪار کيس جنسي طور حراسان ڪيو هو. هن ڪرسٽوف روجيا تي الزام هنيو آهي ته ڪرسٽوف 15 سالن جي عمر ۾ مون کي چُمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جاچ کان پوءِ تقريبن 30 گواهن ٻڌايو ته ڪرسٽوف روجيا کي نوجوان اداڪاره سان گڏ رهڻ جو جنون ٿي ويو هو.سيٽ تي موجود ٻيا اداڪار ۽ ٽيڪنيڪل ماهر به ان حوالي سان پريشان هئا. اداڪاره طرفان هدايتڪار تي لڳايل ان الزامن کان پوءِ کيس فرانس فلم سوسائٽي ۾ ڏنل ڪيترن ئي عهدن تان هٽايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *