فخر محسوس ڪريان ٿي ته مون کي پيءُ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي: مومل شيخ

 

اسلام آباد: (شوبز نيوز) اداڪاره مومل شيخ چيو آهي ته منهنجا ماءُ پيءُ هميشه اهو چاهيندا هئا ته مان اداڪاره بڻجان. اداڪاري سان گڏوگڏ پروڊڪشن به ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره ٻڌايو ته مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي  ته مون کي پنهنجي پيءُ جاويد شيخ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ منهنجي گهر وارن جي خواهش هئي ته مان هن فيلڊ ۾ اچان.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان گهٽ ۽ معياري ڪم ڪرڻ تي يقين رکان ٿي ۽ مان اداڪاره سان گڏوگڏ پروڊڪشن به ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.هن چيو ته  مان هاڻ ڪڏهن به اداڪاري ڇڏي نٿي سگهان ڇو ته مان جڏهن به اداڪاري ڇڏڻ جو سوچيندي آهيان ته ڊپريشن محسوس ڪندي آهيان.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پيءُ جون فلم انڊسٽري ۾ تمام گهڻيون محنتون شامل آهن ۽ هن پنهنجو نالو روشن ڪيو منهنجي به ڪوشش هوندي ته مان وڌ کان وڌ بهتر ڪم ڪري سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *