
نارٿمپٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٻي ٽور ميچ ۾ نارٿمپٽن شائر کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.نارٿمپٽن طرفان مليل 274 رنسن جو هدف پاڪستان 41 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. فخر زمان 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ کانپوءِ پويلين موٽيو، جڏهن ته امام الحق 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. بابر اعظم 68 ۽ ڪپتان سرفراز احمد 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا.ان کان اڳ نارٿمپٽن مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 273 رنسون ٺاهيون هيون، پاڪستان طرفان محمد عامر، جنيد خان، محمد حسنين، عماد وسيم، ياسر شاهه ۽ حارث سهيل هڪ – هڪ شڪار ڪيو.