فخر آهي ته منهنجو خاندان هندوستان کان پاڪستان آيو، اسان دنيا جي هڪ اهم ۽ ترقي يافته قوم بڻجي سگهون ٿا: عارف علوي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو اهي ته مذهبي نفرت جي باهه جيڪڏهن ٻاري ويئي ته پوءِ اجامي نه سگهندي اسان وانگر ڀارت کي به تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ بدامني جو مذهب سان ڪوبه تعلق نه آهي سمورا مذهب امن جو پيغام ڏين ٿا پر هتي انسان مذهب جي آڙ ۾ هڪٻئي کي قتل ڪري رهيا آهن نئين پاڪستان ۾ هر مذهب لاءِ امن جو پيغام آهي هتي ڪنهن قسم جي مذهبي نفرت برداشت نه ڪئي ويندي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن لاهور جي مقامي هوٽل ۾ قومي بين الامذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي خاتون اول بيگم عارف علوي، قومي اسيمبلي ميمبر شنيلا روت، خطيب بادشاهي مسجد لاهور مولانا سيد عبدالخبير آزاد سميت سک عيسائي هندو ۽ ڀاٽي مذهب جا اڳواڻ به موجود هئا صدر چيو ته اها ڳالهه سٺي آهي ته موجوده حالتن ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن مان سمورن مذهبن کي پڙهيو ته اندازو ٿيو ته سڀ مذهب امن جو پيغام ڏين ٿا پر انسان مذهب کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ ان کي بهانو بنائي ٻين ماڻهن کي ماري ٿو جنهن جو ڪنهن مذهب سان ڪوبه تعلق نه اهي هي سڀ ماڻهو اندر موجود نفرتن جي ڪري آهي انسان ۾ محبت همدردي ۽ اخلاص جو جذبو موجود آهي پر هڪ ٻيو پاسي نفرت ۽ فوبيه جو به آهي جنهن سبب خاندان ۾ به نفرتون پيدا ٿي وڃن ٿيون صدر چيوت ه اسان جي نبي معاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ سوشل ميڊيا جي ڪري غيبت وڌي چڪي اهي جنهن جي اسلام ۾ سخت منع ڪيل آهي سوشل ميڊيا ڪنهن واقعي جي حقيقتن کي پاسي تي رکندي ٽوڙي مروڙي شيون بيان ڪري ٿو جيڪي غيبت جي زمري ۾ اچن ٿيون هن چيو ته پاڪستان وڌيون قربانيون ڏيئي دهشتگردي ۽ شدت پسندي مان گهڻو ڪجهه سبق سکيو پر پاريسري ملڪ ڀارت ان مان سبق نه سکيو ڳڻتي آهي ته ڀارت ۾ مذهبي نفرت جي راند کيڏي پئي وڃي ۽ ان کي پتو هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن هي باهه ٻرڻ شروع ڪيو ته پوءِ وسامي نٿي سگهي هي وڏو الميو آهي جو هندستان نفرت ۾ گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي مان ڀارت ۾ موجود مائٽن سان فون تي به ڪڏهن ناهي ڳالهايو ڇو ته ان ڳالهه جو پتو ناهي ته ڪهڙي ڳالهه کي ڪهڙو رنگ ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت کي به تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ڀارت سان تازي صورتحال ۾ هر پاڪستاني امن چاهي ٿو پر ٻئي پاسي نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان تاريخ مان سبق سکيو پر ڀارت ناهي سکيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *