فخر آهي ته ملاله دنيا جي ڇوڪرين کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي: منشا پاشا

 

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستان جي نوبيل انعام يافتا ملاله يوسفزئي نه رڳو پاڪستان پر سموري دنيا جي ڇوڪرين جي اڳواڻي ڪندڙ بااثر شخصيت بڻجي وئي.پاڪستان جو ناءُ عالمي سطح تي روشن ڪندڙ ملاله يوسفزئي عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ سدائين پنهنجو آواز بلند رکندي آهي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ لاڳيتو ڪوششون ڪري رهي آهي.اهڙيءَ طرح هن وقت سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ دنيا جي ماحولياتي گدلاڻ کان محفوظ رکڻ ۽ مستقبل ۾ صاف سٿري ماحول لاءِ سرگرم آهي جنهن ڪري هن ڪلائيميٽ واڪ جي به شروعاتي ڪئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ان بابت آگاهي پکيڙي رهي آهي.نوجوان ڇوڪرين جا سماجي مسئلا حل ڪرڻ بابت اڳتي وڌي حصو وٺڻ جي نشاندگي ڪندي اداڪارا منشا پاشا ٽوئيٽر تي لکيو ته ملالا نوجوانن کي متحرڪ رکڻ جي موجد بڻجي وئي آهي يعني هن سبب ٻين کي حوصلو مليو.اداڪارا وڌيڪ لکيو ته جڏهن کان ملالا تعليم لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو آهي ٻيون عورتون به اهم مسئلا اجاڳر ڪري رهيون آهن جئين گريٽا ٿنبرگ جيڪا جيئن گريٽا  ٿنبرگ جيڪا ماحولياتي تبديلي ۽  آمريڪي ڪارڪن ايما گونزيلز جيڪا بندوق جو استعامل روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.ان کان پوءِ اداڪارا فخر جو اظهار ڪندي لکيو ته خوشي آهي ته پاڪستاني ڇوڪري ڪيترن ٻين ڇوڪرين کي  متاثر ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *