فتح حق ۽ سچ سان بيهندڙن جي ٿيندي، زبردستي مذهب بدلائڻ ڏوهه آهي: نواز شريف

ڪراچي  (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وڏو ڏوهه آهي ڪنهن کي جنت يا دوزخ جو فيصلو ڪرڻ، مذهبي فرق پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسلام امن جو مذهب آهي، دهشتگردي جو ان سان ڪو به  تعلق نه آهي، اسلام، امن، محبت ۽ انسانيت ۽ سمورن مذهبن جو احترام جو پيغام ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، حڪومت اقليتين جي تحفظ ۽ وڏن ڏوهن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قانون بڻائيندي، پاڪستان ۾ ڪو به مذهبي جهيڙو نه آهي، اسان جو جهيڙو انهن قوتن سان آهي جيڪي پاڪستان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيون آهن، بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽ قومي کي ورهائڻ چاهين ٿا، وزيراعظم هندو برادري جي ترقي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ۽ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ هليٿ ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، اڱاري تي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ن ليگ سنڌ جي اقليتي ونگ تحت هندن جي ڏڻ هولي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2 سال اڳ ديوالي جي تقريب ۾ آيو هيس، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي، 2 سال اڳ مان توهان جو ٿي ويو هيس ۽ توهان منهنجا ٿي ويا هئا، اڄ هولي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري اسان جا رشتا اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن، هن چيو ته هولي رنگن  جو ڏڻ آهي، اهي رنگ محبت ۽ امن جو پيغام آهن جيڪڏهن ڪنهن مذهبي اڳواڻ جي دل ۾ محبت نه هوندي ته ان جي شخصيت ان گل وانگر هوندي آهي جنهن جو ڪو به رنگ نه هوندو آهي ۽ ان جي ڪا به خوشبو نه هوندي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موسم تبديل ٿي رهي آهي، بهار جي موسم اچي رهي آهي، اڄ ڪراچي آيو آهيان ۽ اي سي هلائڻي پئي، وطن جي چپي چپي تي بهار جي موسم جو رنگ اچي رهيو آهي، اهڙي طرح معيشت تي به بهار جو رنگ اچي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي آهي ته ايشيا ۾ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، هن چيو ته عالمي معاشي ميگزين اڪنامڪ پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ سٺو لکيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جا اثر هتي رهندڙ هر مذهب ۽ علائقي جي ماڻهن کي فائدو ڏيندا ۽ ڪنهن جي ايجنڊا کي ان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏيندا، هن چيو ته اسلام اهو دين آهي جيڪو انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿو، اسلام ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن جو احترام ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، پاڪستان مذهبي تڪرار کي روڪڻ لاءِ قائم ٿيو هو، پاڪستان ۾ ڪنهن کي مذهبي اختلافن جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت سمورين مسجدن، گرجا گهرن، مدرن ۽ وڌيڪ مذهب جي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪندي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ جنت ۽ دوزخ جو فيصلو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان انهن جي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سڄي دنيا کي جنت بڻائيندسين، هن چيو ته مان به عام انسان آهيان پنهنجو پاڻ کي حڪمران نٿو سمجهان، ملڪ جي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا آهيون ۽ ملڪ جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون، وزيراعظم چيو ته اقليتين جي تحفظ ۽ وڏن ڏوهن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قانون جوڙينداسين، هن هندو برادري لاءِ 50 ڪروڙ رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *