فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4 ڪروڙ تائين پهچي وئي ، سياسي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جي گهر

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چونڊن ۾ فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي، سينيٽ چونڊون ڏينهون ڏينهن ويجهو اچي رهيون آهن اهڙيءَ طرح سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي ۾ به واڌ ٿي رهي آهي، هاڻ فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ قيمت 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي. ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي اميدوار اخوندزاده چٽان کان پڇو ويو ته هن ٻڌايو ته فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي، سياسي قيادت کي گذريل چونڊن وانگر گڏجي ويهي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻو پوندو جيڪڏهن پئسي جي اهڙيءَ طرح ڏي وٺ رهي ته مان پارٽي کي چئي ڇڏيندس ته مان سينيٽ چونڊن ۾ احتاجي طور حصو نه وٺندس. هوڏانهن ذريعن موجب فاٽا ۾ سينيٽر لاءِ ووٽ جي ٻولي 5 2  ڪروڙ جڏهن ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن کي ووٽ لاءِ 3  کان 6  ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *