خيبرايجنسي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا بابت سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا. شاهد خاقان عباسي خيبر ايجنسي جي جمرود اسٽيڊيم ۾ اسپورٽس فيسٽيول جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا به ساڻس گڏ هو. قبائلين وزير اعظم جو شاندار استقبال ڪيو، قبائلي سردار ملڪ فيض الله جان وزير اعظم کي روايتي پڳ پارائي. تقريب کي خطاب ۾ وزير اعظم چيو ته قائد اعظم قبائلين سان جيڪي واعدا اهي پورا ڪنداسين. منهنجو واعدو آهي ته فاٽا کي ضرور قومي سٿ ۾ شامل ڪيو ويندو، فاٽا جي هر ايجنسي جي اندر هڪ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته فاٽا جي نوجوانن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون، فاٽا کي سهولتون نه ملڻ تي افسوس آهي، فاٽا جي عوام جي حمايت سان پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو.