فاسٽ بالر وهاب رياض ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ زخمي ٿيندڙ فاسٽ بالر وهاب رياض ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته کيس 24 جولاءِ تي پريڪٽس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي سي بي ذريعن پاران اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته  فاسٽ بالر آخري ٻن ون ڊي ميچن ۾ شامل ٿي سگھي ٿو پر کيس هڪ ميڊيڪل رپورٽ ۾ اڃا تائين ڪليئر قرار ناهي ڏنو ويو. چيف سليڪٽر هارون رشيد ميڊيا کي ٻڌايو ته ون ڊي ميچن کان پهريان وهاب رياض جي فٽ ٿيڻ جا ڪي به امڪان ناهن، جڏهن ته مونکي اميد آهي ته وهاب رياض ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ فٽ ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *