فارن فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي: عمران خان

وانا (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪندا رهيا پر لاڳاپن جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو کڻي سگهان. ڏکڻ وزيرستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس اٿارڻ تي مخالف ڌر جو شڪر گذار آهيان، اِهو سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان ٿيندي رهي، سڄي دنيا ۾ سياسي پارٽيون فنڊنگ ڪنديون رهنديون آهن، فارن فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي هئڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ان ڪيس مان سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ صحيح نموني سان پيسو گڏ ڪيو. وزير اعظم چيو ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جي مٽا سٽا سان ملڪ هلندو آهي، مون شوڪت خانم اسپتال جي فنڊنگ سمنڊر پار پاڪستانين کان ڪئي، چيلينج ڪيان ٿو ته سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف انصاف ڪئي. مخالف ڌر جي پارٽين کي خبر آهي ته مون کي ڄاڻ آهي ته فارن فنڊنگ ڪهڙي آهي، سمنڊ پار پاڪستاني فارن فنڊنگ ناهي، ڪيترائي ملڪ هنن کي پيسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپن جي ڪري نالو نٿو ٻڌائي سگهان. مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي وزير اعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان مدرسن جي ٻارن کي استعمال ڪري حڪومت کي بليڪ ميل ڪندو آهي، هنن وٽ اربين رپين جون ملڪيتون ڪٿان آيون، اهو اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل نه پيا ڪن، عوام سمهجدار آهي هو ڪنهن جي چوري بچائڻ لاءِ نه نڪرندو، هي اسان جي عوام جي سياسي سوچ کي نٿا سمجهن. هن وڌيڪ چيو ته معاشي حالتن تي وزير اعظم چيو ته معاشي ڏکيائين جي ڪري اسان کي خرچ گهٽ ۽ آمدني وڌائڻ گهرجي، خرچ گهٽ ڪرڻ سان عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *