غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي قدم کنياپيا وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته فوجي عدالتن جي قيام سميت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام قدمن جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان توثيق ڪرائي ويندي، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ قربانيون پيش ڪيون، عدليا جي آزادي لاءِ جاکوڙيو، آئين ۽ قانون کان منهن موڙڻ جو سوچي به نٿا سگهون، غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي قدم کنيا پيا وڃن. حالت جنگ ۾ آهيون، هڪ شخص نه پوري قوم گڏجي فيصلا ڪري رهي آهي، ملٽري ڪورٽس ۾ پنهنجي ٽرائل کان ڊڄي ٻارن جي معصوم خون کي نٿا وساري سگهون، جيڪڏهن سخت فيصلا نه ڪيا ته سڀاڻي دهشتگردي جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين، ملڪ ۾ پرائيويٽ مليشيا کي کلي موڪل نه ڏينداسين. هو ايوان بالا ۾ پشاور سانحي تي بحث سميٽيندي بيان ڏئي رهيو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 6 1  ڊسمبر واري سانحي پوري قوم جو مقصد هڪ پاسي موڙي ڇڏيو آهي ته دهشتگردي کي ختم ڪيو وڃي، 0 1  سالن کان جاري جنگ پوري ملڪ کي متاثر ڪيو، 0 5  هزار ماڻهو شهيد ٿيا، مسئلي جي سنگيني مطابق حڪمت عملي نه بڻائي وئي، اسان جي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي ٺوس قدم کنيا، آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن دهشتگردي ۽ فرقيواريت جا تمام رستا بند ڪيا وڃن. 6 1  ڊسمبر واري سانحي بعد سياسي قيادت پشاور ۾ جمع ٿي، هڪ ڪميٽي بڻائي وئي. هفتي اندر ڪميٽي ايڪشن پلان بڻايو، ڪميٽي جو ٿورائتو آهيان جو هفتي اندر ڪم مڪمل ڪيو. 4 2  ڊسمبر تي ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي، 0 1  ڪلاڪ پوري قيادت ويٺي، سموري قيادت منظور ڏني، اهو دليل آهي ته پوري قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تيار آهي. اسان جنگ واري حالت ۾ آهيون، غير معمولي حالتون غير معمولي قدمن جو تقاضو ڪن ٿيون، ڇا معصوم ٻارن جو قتل غير معمولي حالتون نه آهن، ڇا اهي غير معمولي حالتون ناهن ته عبادتگاهون، درسگاهون، راند جا ميدان، هوائي اڏا محفوظ ناهن رهيا، اسان اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ ڏينداسين، الله جي مدد سان ذميداري پوري ڪنداسين. شهيدن جي خون جا ڏيئا وسامڻ نه ڏينداسين، ٻارن جي خون جي هر قطري جو بدلو وٺڻ اسان تي واجب آهي، هاڻ دهشتگردي کي هٿي نه ملندي، گذريل ڏينهن حڪومتي ڪميٽي ۽ فوجي قيادت جو هڪ اجلاس ٿيو، اميد آهي ته قومي اتحاد قائم رهندو، جيڪڏهن اتحاد ۾ ڏار پيو ته نقصان ٿيندو. قومي ايڪشن پلان 0 2  نڪاتي آهي، سفارشن لاءِ ڪميٽيون بڻايون ويون، رپورٽ ملي وئي، عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف جي نظام تي ڪم ٿي رهيو آهي، فوجي عدالتن جي پوري قيادت منظوري ڏني، اهو طي ٿيو هو ته صرف دهشتگردن جا ڪيس هلندا ۽ ٽائيم فريم هوندو. آئين ۽ قانون ۾ ترميمن جو ڪم جاري آهي، تمام ميمبر گڏجي ترميمون تجويز ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته پارليامينٽ ايڪشن پلان جي توثيق ڪندي. ميڊيا جي آزادي کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، تنقيد کي ويلڪم ڪنداسين، ميڊيا ذريعي دهشتگردي جي فروغ جي اجازت نه هوندي، اهو صرف حڪومت جو نه پوري قوم جو ايڪشن پلان آهي. ايوان جو ۽ قيادت جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، اسان جي منزل پري ناهي پنهنجي مقصدن ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. رضا رباني چيو ته وزيراعظم کي ايوان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، قائد ايوان جي به مهرباني جو هن وزيراعظم کي ايوان ۾ آندو، وزيراعظم کي مطالبي تي نه پر پاڻ سينيٽ ۾ اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *