غير رياستي عنصرانتهاپسند گروپن سان گڏجي عيسائي برادري خلاف تشدد کي هٿي ڏئي رهيا آهن:بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،منڊي بهاوالدين جي غيريقيني واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.جتي رپورٽن موجب غيررياستي عنصر انتهاپسند گروپس سان گڏجي مقامي عيسائي برادري خلاف تشدد کي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ کين مذهب تبديل ڪرڻ يا علائقو خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جاري ٿيل بيان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي منڊي بهاوالدين جي عيسائي برادري سميت ملڪ جي غريب ۽ پوئتي پيل برادرين خلاف ظلم ۽ زيادتين تي ڪڏهن به خاموش نه ويهندي، بلاول ڀٽو زرداري وفاق ۽ پنجاب حڪومتن کي چيو آهي ته ان معاملي جو تڪڙو ايڪشن ورتو وڃي ۽ پنجاب ۾ اقليتي برادري سان ٿيندڙ ظلم ۽ انتقامي ڪارروائي ۾ ملوث جوابدارن کي پڪڙ ۾ آندو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مون اڳ ۾ ئي اها ڳاله ڪئي هئي ته نواز شريف حڪومت نيشنل ايڪشن پلان کي نون ليگ ايڪشن پلان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي۽ پلان جي صرف ڪجه چونڊ نقطن تي عمل ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان جي نقطي نمبر 9 تي ڇو خاموش آهن جنهن ۾ اهو واضح چيو ويو آهي ته ” مذهبي انتهاپسندي جو خاتمو آڻبو ۽ اقليتن جي تحفظ کي يقيني بنايو ويندو“،هن چيو ته اهي ٻئي حڪومتون انهي نقطي تي عمل ڪرڻ بدران انهن سان ٻٽ بڻيل آهن جيڪي مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيئي رهيا آهن ۽ اقليتن کي نشانوبڻائي رهيا آهن،پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين مطالبو ڪيو ته منڊي بهاوالدين جي عيسائي برادري کي خصوصي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، منڊي بهاوالدين ۾ ماڻهن جي زندگين يا ملڪيتن کي نقصان رسيو ته ان جا ذميوارشريف ڀائر هوندا، بلاول ڀٽو زرداري منڊي بهاولادين جي اقليتي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي کين خاطري ڪرائي ته پارٽي سندن تحفظ بابت ڳڻتي کي هر فورم تي اٿاريندي ۽ کين مشڪلات ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *