غير جمهوري سازش نه ڪنداسين، آئيندي طريقي سان حڪومت ڪيرائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت ۾ معاشي حالتون خراب، انساني جمهوري حقن ۽ ميڊيا تي پابنديون آهن، چاهيان ٿو ته موقعو ملندي ئي حڪومت ڪيرائي ڇڏيان. لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو مون کي ٻڌايو ته حڪومت ڪيرائڻ جا ڪيترا طريقا آهن؟ آئيني، جمهوري ۽ قانوني طريقي سان حڪومت ڪيرائڻ چاهيان ٿو، غير جمهوري سازش نه ڪنداسين. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ اسان به وياسين پر انهن جي هر شرط نه مڃي، اسان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، جنگ وڙهي، ٻن ٻوڏن جو مقابلو ڪيو، پوءِ به اسان جي دور ۾ پگهارن ۾ سوا سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، هن حڪومت جو ڪو اسٽيڪ ئي ناهي، تنهن ڪري اهي آءِ ايم ايف جي هر شرط مڃي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اهو فاشسزم آهي، اڄ تحريڪ انصاف اهو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو 90 ۾ ن ليگ جو هو، جيڪڏهن ترقي ميٽرو سان آهي ته پوءِ ان جي سامهون هارائي چڪو آهيان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنجاب عثمان بوزدار جي هٿن ۾ ڏئي عمران خان ڪيئن سمهي پوندو آهي، خيبر پختونخواهه ۾ خبر ناهي ته وڏو وزير ڪير آهي. پ پ چيئرمين موجب مان هن حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ سڀني طبقن سان رابطو ڪرڻ نڪتو آهيان، حڪومت جي حربن باوجود انهن خلاف پنهنجي جدوجهد ڪندا رهنداسين، عوام کي ٻڌائڻو آهي ته انهن جو اسٽيڪ چونڊ، سياست ۽ معيشت ۾ هجڻ گهرجي، عوام جو اسٽيڪ نه هوندو ته پوءِ رياست ڪيئن هلندي، ٻڌو آهي ته ملڪ جا ناليوارا ادارا هاڻ مهانگائي جي جاچ ڪندا، ادارن کي انهن معاملن کان پري رهي پنهنجو شان برقرار رکڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ن ليگ جو پارليامينٽ ۾ اپوزيشن طور انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان انهن کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون، اسان ٽئين نمبر تي آهيون، اسان اپوزيشن سان گڏجي هلڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ن ليگ يا فضل الرحمان سان جيڪو واعدو ڪيو، ان کي پاڙيوسين، مولانا جي ڌرڻي کان اڳ سڀ گڏ هئا، ن ليگ سان سٺا لاڳاپا هئا پر هاڻ سڀ ڪجهه سامهون آهي، تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *