غيريقيني صورتحال ختم،ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال ٽيسٽ سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي

ڪنگسٽن(اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز هلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڀارت جي خلاف چئين ٽيسٽ مئچن جي ميزباني ڪندو،ويسٽ انڊيز بورڊ ڊبليو آئي سي بي طرفانان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيک سيريز جي حوالي سان غير يقيني صورتحال هئي،اها به ختم ٿي وئي، 2014 ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم بورڊ سان مالي معاوضي  جي تڪرار سبب ڀارت جو دورو اڌ ۾ ڇڏي وطن واپس هلي وئي هئي،جنهن کانپوءِ ڀارتي بورڊ ويسٽ انڊيز سان گڏيل سيريز کيڏڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي، ڊبليو آئي سي بي جي صدر ڊيوڊ ڪيمرون ڀارت خلاف سيريز جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان کي سيريز جي هنڌن جي رصديق جو انتظار آهي،جنهن کانپوءِ اسان سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪنداسين.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *