غلط ڄاڻ ۽ پروپيگنڊا سان قومي ٻڌي کي نقصان پهچي سگهي ٿو: آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ/اين اين آءِ) عسڪري قيادت ڀارت طرفان ميزائيل فائرنگ جي تازي واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي لاڳاپيل عالمي فورمز کان ان جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو اهي ته ملڪ جي سلامتي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا جڏهن ته آرمي چيف اوآئي سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۽ يوم پاڪستان پريڊ جي پرامن اهتمام لاءِ جامع سيڪيورٽِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي اڱاري تي آئي ايس پي آر مطابق ڪور ڪماندرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾منعقد ٿي جنهن جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوا ڪئي اجلاس کي اهم عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائين، ملڪ جي گهرو سيڪيورٽي صورتحال ۽ اولهه سرحد تي انتظام بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾شريڪ ٿيندڙن ميزائيل فائرنگ جي تازي واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي جنهن کي ڀارت حادثاتي قرار ڏنو آهي ان جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي سگهي پئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارت پاران غلطي مڃڻ جي باوجدو لاڳاپيل بين الاقوامي فورمز کي ان واقعي جو سنجيدگي سان نوٽِس وٺڻ گهرجي اهڙِ قسم جا خطرناڪ واقعا خطي جي امن ۽ اسٽريٽجڪ استحڪام کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا چيف آف آرمي اسٽاف دهشتگردي ٽوڙ جي جاري ڪامياب آپريشن کي ساراهيو ڪور ڪماندرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن ملڪ جي سلامتي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف فارميشنز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ مشن تي ٻڌل تربيت تي زور ڏنو  ٻئي طرف  پاڪ فوج جي سربراهه ميجر جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمن قوتون غلط ڄاڻ ۽ پروپيگنڊا سان قومي ٻڌي کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لاهور ۾ نئين آرٽلري گنز جي شموليت واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ لمز ۾ استادن ۽ شاگردن سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سپهه سالار جو چوڻ هو ته دشمن قوتون غلط ڄاڻ ۽ پروپيگنڊا سان قومي ٻڌي کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون، انهن جي سڃاڻپ ڪري گڏيل رد عمل ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لاهور جو دورو ڪيو، جتي هن ڪور آف آرٽلري ۾ ايس ايڇ 15 آرٽلري گنز جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ان موقعي تي مستقبل ۾ چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ان جديد ترين هٿيارن جي نظام جي شموليت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان جديد ترين گنز جي شموليت سان رينج، جنگي ميدان ۾ چرپر ۽ درستگي سان گڏوگڏ دشمن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت وڌندي، جنهن سان يقيني طور تي پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۾ واڌ ٿيندي. ان کانپوءِ آرمي جنرل قمر جاويد باجوا لاهور يونيورسٽي آف مينجمينٽ سائنسز جو دورو ڪيو، لمز پهچڻ تي وائس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد ملڪ ۽ فيڪلٽي ميمرن سندس استقبال ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *