غلط ڄاڻ پکيڙڻ رياست جي سلامتي لاءِ خطرو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته غلط ڄاڻ پکيڙڻ رياست جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور هيڊ ڪوارٽرز لاهور جو دورو ڪيو، جتي کيس لاهور ڪور جي فارميشن جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف سان لمز، ايف سي يو، يو اي ٽي، ايل ايس اي، پي يو، جي سي يو جي فيڪلٽي ۽ شاگردن ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مستقبل جي قيادت ۽ مفيد شهري بڻائڻ تي معروف تعليمي ادارن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته تعليم، صحت، انفرا اسٽرڪچر ۽ ماحوليات ۾ انساني ترقي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته غلط ڄاڻ پکيڙڻ راءِ سازي کي متاثر ڪري ٿو ۽ اهو رياست جي سلامتي لاءِ به خطرو آهي. آرمي چيف غلط ڄاڻ جو مقابلو ڪرڻ ۽ دشمن قوتن جا عزم ناڪام بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *