غريب طبقي تي بالواسطه ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهن جو مفاد ۽ ان کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي بالواسطه ٽيڪسز جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوي ٿو بلواسطه ٽيڪسز جو ڀار گهٽائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي سومر تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جون قيمتون گهٽائڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان قدمن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ وفاقي وزير دآڪتر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باڪر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر طابس گوهر ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ احساس پروگرام موجب مستحڪ گهراڻن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت جي پهرين ترجيحي عام ماڻهو جو مفاد آهي هن چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي ڪري غريب عوام سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي تنهنڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته ٻاهران گهرايل کاڌي پيتي جي مختلف شين تي لڳل ٽيڪسز گهٽائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن عوام خاص ڪري غريب ۽ مڊل ڪلاس کي رليف فراهم ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *