غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ فوري طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙ ماڻهن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خوراڪ کاتي کان ڪڻڪ وٺي 40 ڪروڙ روپين جي مبينا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران خوراڪ کاتي ۽ نيب طرفان فلور ملز جي مالڪن سان گڏجاڻي بابت رپورٽ پيش ڪئي. خوراڪ کاتي طرفان عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته نيب آفيسرز، فلو ملز مالڪن ۽ خوراڪ کاتي طرفان گڏيل صلاح مشوري سان مارڪ اپ واري مسئلي جو حل ڪڍيو ويو آهي. سمورن جوابدارن ڪڻڪ جي رقم واپس ڪئي پر مارڪ اپ جمع نه ڪرايو. فلور ملز مالڪن کي مارڪ اپ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب ٽن فلور ملز جي مالڪن ڏانهن 14 ڪروڙ 51 لک 27 هزار 861 رُپيا رهتون آهن، جِن مان راڻيپور فلور ملز تي 6 ڪروڙ هڪ لک، خيرپور فلور ملز تي هڪ ڪروڙ 33 لک 68 هزار ۽ گوپانگ فلور ملز تي 2 ڪروڙ 88 لک 93 هزار رُپيا بقايا آهي. عدالت فلور ملز مالڪن کي فوري طور رهتون ۽ مارڪ اپ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته اها رقم نيب يا عدالت نه، پر سنڌ جي خوراڪ کاتي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻيءَ دوران فلور ملز مالڪن جي وڪيل چيو ته هڪ ڏينهن ۾ ايڏي رقم جمع ڪرائڻ ممڪن نه آهي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جِن ماڻهن غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرايا، اُنهن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي. بعد ۾ عدالت ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *