غريبن جوخون سستو : صلاح الدين جي موت تي حمزه علي عباسي جي حڪومت مٿان سخت تنقيد

 

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي  رحيم يار خان ۾ اي ٽي ايم مشين مان رقم چورائڻ جي الزام ۾ گرفتاري دوران فوت ٿيندڙ شخص صلاح الدين جي موت تي اداڪار ۽ ميزبان حمزه علي عباسي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ننڍا چور غريب هجڻ سبب جيل ۾ ئي مري وڃن ٿا جڏهن ته وڏا چور جيل ۾ فائيو اسٽار سهولتون جا مزا وٺندا آهن ڇو ته هو پئسي وارا ۽ طاقتور آهن ته پوءِ اوهان ڪيئن ٿا اميد ڪري سگهو ٿا ته اسان جو ملڪ خوشحال ٿيندو.؟ انصاف کان سواءِ ڪوبه ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي چاهي اوهان جون معاشي پاليسيون ڪهڙيون به هجن. اهوئي الله جو قانون آهي. هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ حمزه علي عباسي لکيو آهي ته صلاح الدين ذهني طور تي ڪمزور هو پر جسماني طور تي صحتمند هو. ان ڪري پوليس پوليس پاران اهو چوڻ ته صلاح الدين جي موت قدرتي هئي اها هڪ قسم جي بڪواس آهي ڇا ان واقعي کان پوءِ پنجاب پوليس ۾ ڪنهن آفيسر  جي معطلي جي خبر آئي.؟ يا پنجاب پوليس مان ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو.؟  بس هڪ ختم نه ٿيندڙ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پنجاب پوليس  وٽ گرفتاري دوران صلاح الدين جي موت تي پوري قوم ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ ماڻهو صلاح الدين سان  انصاف سان گڏ ماڊل ايان علي جون تصويرون به شيئر ڪري ملڪ ۾ نام نهاد انصاف جو مذاق اڏائيندي نظر اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *