غدار عمران خان ملڪ ۾ انارڪي پکيڙي رهيو آهي : سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران نيازي هن وقت ملڪ جي عوام کي گمراهه ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي. 1973ع جو آئين ماضي ۾ فوجي آمرن ته ٽوڙيو آهي، پر هي پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ته سولين اهڙي طرح آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اسپيڪر جي اها رولنگ ختم نه ڪرائي ته قومي اسيمبلي جا 200 ميمبر غدار سڏرائيندا ۽ انهن کي ووٽ ڏيندڙ ڪروڙين محب وطن به غدار بڻجي ويندا. اسان کي رڳو اقتدار ۾ اچڻ جو شوق ناهي. اسان هن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. مخالف ڌر انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته لکين ماڻهو آڻينداسين. اڳوڻي پاگل وزيراعظم نگران وزيراعظم لاءِ هڪ پاگل اڳوڻي چيف جسٽس جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته عمران نيازي هن وقت ملڪ جي عوام کي گمراهه ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي. ملڪ ۾ ڪنهن به حادثي جي رپورٽ ڪرڻ ميڊيا جي ذميواري آهي. هن چيو ته هي بيوقوفن جو ٽولو آهي، سندس حڪومت ختم ٿي وئي آهي ۽ ان تي هو جشن ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن جي نتيجن کان پوءِ جڏهن هن جي سليڪٽيڊ حڪومت آئي ۽ وزيراعظم بڻيو ته بلاول ڀٽو چيو هو ته هي عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت ناهي، هي سليڪٽيڊ حڪومت آهي. هن چيو ته 27 فيبروري تي ڪراچي کان شروع ٿيندڙ عوامي مارچ ۾ عمران خان تي هر شهر ۾ بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هر شهر ۾ پنهنجي تقرير ۾ عمران نيازي کي نئين چونڊ لاءِ وڃڻ جو چيو. سعيد غني چيو ته مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن. اپوزيشن پارٽين جو اجلاس نومبر 2021 ۾ ٿيو. 8 مارچ 2022ع تي بي اعتمادي جي رٿ داخل ڪئي وئي هئي، ان وقت عمران خان پاڻ چوندو هو ته هو دعا ڪريان ٿو ته تحريڪ عدم اعتماد آڻين پر بعد ۾ خط جي بنياد تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته قومي اسيمبلي جا 200 ميمبر هن وقت عمران خان جي خلاف آهن ۽ هو کين غدار چئي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته عمران نيازي صدر پاڪستان، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر، اٽارني جنرل، قانون وارو وزير سڀني گڏجي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهي غدار آهن. هن چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي تي اعتماد آهي. 1973ع جو آئين فوجي آمرن ٽوڙيوآهي. پر هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن سولين اهري طريقي سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سعيد غني چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي آرٽيڪل 5 موجب آئين ۾ ترميم کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. مون آئين جي حفاظت جو حلف کنيو آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ آئين ۾ ترميمن کي عدالت ۾ چئلينج نه ڪيو ويو هو؟ 18 هينترميم چئلينج ٿي اها اڄ به عدالت ۾ آهي. 19هين ترميم عدالت جي خواهش تي بڻي. هن چيو ته اعتراض اسپيڪر جيآئين ۾ اختيارن تي ناهي ڪٿي به ناهي لکيل ته اسپيڪر آئين کان مٿانهون آهي ۽ ڪٿي لکيل آهي ته اسپيڪر شهنشاهه آهي. هن چيو ته ماضي ۾ عدالتن تشريح جي نالي تي آئين ۾ ترميم ڪئي آهي. پر هاڻ جيڪڏهن ڪا به تشريح اچي ٿي ته اها تاريخ جي وڏي غلطي هوندي، ڇو ته ان معاملي ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، نااهل وزيراعظم عمران خان ۽ صدر سڀني آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي آئين ۾ رهي فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي. هوءَ ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪهڙو پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي سڄي ملڪ مان ا ڪروڙ 68 لک ووٽ مليا ته ان جي مخالف پارٽين کي ساڌا 3 ڪرورڙ ووٽ مليا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماڻهن سندس احتجاج جي سڏ تي ڪو به جواب نه ڏنو. هن چيو ته هاڻ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ترين موڙ آهي. عمران خان کي ڪو به حق ناهي ته هو ڪنهن کي به غدار چوي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڄي دنيا جا سفير سياستدانن، صحافين، واپارين، مخالف ڌر جي پارٽين ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ملن ٿا، مان ڪيترائي ڀيرا سفيرن سان ملي چڪو آهيان. جيڪڏهن ڪو مون سان ملي ٿو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هو ملڪ جو غدار آهي. هن چيو ته هي چريو آهي ۽ هي چريائپ جي انتها آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته عدالتون کي آئين جي دائري ۾ رهي فيصلو ڪرڻ گهرجي. هتي ڪو به لامحدود اختيارن وارو ناهي. هن چيو ته آئين کان ٻاهر وڃي نه عدالتون فيصلا ڪري سگهن ٿيون، نه ئي پارليامينٽ ۽ وزيراعظم ڪو قدم کڻي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان هن وقت ملڪ کي انتهائي خطرناڪ رستي تي وٺي وڃي رهيو آهي، عمران خان هن وقت غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيو آهي. هو سياسي جنگ کي حق ۽ باطل جي جنگ سڏي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان پاڻ مودي جي لاءِ مهم هلائي، آمريڪي صدر بش لاءِ نوافل ادا ڪيا، پنهنجي اڳوڻي يهودي سالي ۽ سندس زال جيڪا آمريڪي صدر بش جي رشتيدار هئي، لنڊن جي ميئر لاءِ پاڪستاني نژاد مسلمانن خلاف مهم هلائي. هن چيو ته عمران خان جا ٻار ڪٿي پڙهن ٿا، عمران خان جو ماضي ڪنهن کان لڪيل آهي. سعيد غني چيو ته هن وقت عمران خان مذهب کي استعمال ڪري رهيو آهي، هو ڪهڙي اخلاقي جواز تحت ماڻهن کي مذهب جو حوالو ڏيندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، قانون واري وزير، اٽارني جنرل ۽ ٻين خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين عبرت جو نشان بڻايو وڃي. هن چيو ته آئين چوي ٿو ته جيڪڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وڃي ته هو اسيمبلي ٽوڙي نه ٿو سگهي. پر هتي هڪ چول وزير ايندو آهي، ڊپٽي اسپيڪر کيس چوندو آهي ته اوهان اٿي بيهو. فواد چوڌري لکيل پمفليٽ پڙهي ٻڌايو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هي بي اعتمادي جي تحريڪ پرڏيهي سازش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر جي اها رولنگ ختم نه ڪئي وئي ته قومي اسيمبلي جا 200 ميمبر غدار بڻجي ويندا. هن چيو ته عمران خان سماج ۾ نفرتون پکيڙي رهيو آهي. اسان جي سماج ۾ به جنوني آهن. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اهي غدار آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ماريو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن به پاڻ چئي چڪو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ممڪن ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان روڊن تي رت وهائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان کي رڳو اقتدار ۾ اچڻ ۾ دلچسپي ناهي. اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، هن چيو ته هن وقت اپوزيشن انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ضرورت هجي ته اهي لکين ماڻهو آڻيندا. اڳوڻي چيف جسٽس جو نالو وزيراعظم طرفان نگران وزيراعظم لاءِ آڻڻ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته هڪ پاڳل اڳوڻي وزير اعظم هڪ پاڳل اڳوڻي چيف جسٽس جو نالو ورتو آهي ان اها ڳالهه مان اسان کي اندازو ڪرڻ گھرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *