غداري جا الزام سياست زده آهن، مونکان بدلو ورتو پيو وڃي، ڪاميابي حق ۽ انصاف جي ٿيندي: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ پرويز مشرف چيو آهي ته منهنجي خلاف غداري جا الزام سياسي آهن ۽ اها ڪارروائي بدلو وٺڻ لاءِ ڪئي پئي وئي، حق ۽ انصاف جي جيت ٿيندي، پاڪستان ۾ ڏکڻ جمهوريت نافذ نه ٿي سگهي، نظام کي اتان جي ماحول موجب ٺاهڻو پوندو، اسان کي جمهوري هجڻ گهرجي، هڪ ڊرون حملي جي اجازت ڏني هئي، منهنجي دور ۾ صرف 9 ڊرون حملا ٿيا هئا، ڀارت مخالف نه آهي، صرف پاڪستان جي مفاد ۾ يقين رکان ٿو، بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مغربي جمهوريت نافذ نٿي ڪري سگهجي ۽ ان نظام کي اتان جي ماحول موجب بڻائڻو پوندو. هن غداري جي سنگين ڪيس جي باري ۾ سوال تي چيو ته اهي الزام من گهڙت آهن ۽ اهو پوري طرح سياسي آهن. پرويز مشرف چيو ته بدلي جي ڪارروائي جاري آهي ۽ مونکي نشانو بڻايو پيو وڃي، پورو يقين آهي ته آخر حق ۽ انصاف جي جيت ٿيندي، هن چيو ته هڪ حملي جي اجازت ڏني هئي، هڪ دفعي مان چيو هو ته جڏهن ته منهنجي زماني تقريبن 9 ڊرون حملا ٿيا هئا، مان صرف هڪ دفعي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ته وقت تمام گهٽ هو ۽ اسان کي هم دهشتگرد گروپ جا شاهد ڏيکاريا ويا هئا ته پوءِ اسان حملي جي اجازت ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *