غازي عبدالرشيد قتل ڪيس: پرويز مشرف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(بيورو) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد واجد علي خان عبدالرشيد غازي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 27 اپريل تي عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خميس تي اسلام آباد جي سيشن عدالت عبدالرشيد غازي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدار پرويز مشرف طرفان ملڪ طاهر محمود وڪالت نامو ۽ بيماري سبب پنهنجي اصيل جي حاضري کان آجو قرار ڏيڻ جي درخواست جمع  ڪرائي جنهن تي ڪيس جي مدعي جي وڪيل مولوي عبدالحق اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ان کان اڳ جوابدار جو وڪيل اختر شاهه ڪيس جي پيروي ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڪيس ۾ نئون وڪالت نامو جمع نه ٿو ڪرائي سگهجي جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل طاهر محمود ملڪ چيو ته ڄاڻايل ڪيس سي آر پي سي تحت ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ قانون مطابق هڪ ڪيس ۾ 2 وڪيل پيروي ڪري سگهن ٿا جنهن تي عدالت اعتراض ختم ڪندي وڪالت نامو منظور ڪري ورتو. اڳوڻي صدر جي وڪيل پنهنجي اصيل جي حاضري بابت عدالي فيصلي خلاف نظر ثاني جي اپيل داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو پهرين اپريل تي چيڪ اپ به ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ضمانتي رقم(مچلڪا) عدالت ۾ حاضر آهن، عدالت اڳوڻي صدر کي حاضري کان آجو قرار ڏئي. ٻڌڻي دوران ڪيس جي مدعي جي وڪيل طارق اسد ايڊوڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته عدالت جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري.عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ڪجهه دير لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ جڏهن ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت اڳوڻي صدر جا ضمانتي مچلڪا خارج ڪندي سندس طرفان حاضري کان آجو قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *