غازي رشيد قتل ڪيس: مشرف جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي مقامي عدالت،غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد واجد علي، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پر پرويز مشرف هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت، ڌرين جا دليل ٻـُڌڻ بعد اڳوڻي صدر پرويز مشرف طرفان کيس حاضري کان آجو قرار ڏيڻ ۽ عدالتي اختيارن جي دائري بابت داخل درخواستون رد ڪندي سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 اپريل تي ٿيندي. ياد رهي ته 2007ع ۾ اسلام آباد جي لال مسجد ۽ ان سان لاڳاپيل حفصه مدرسي ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران نائب خطيب غازي عبدالرشيد ۽ سندس والده سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *