غازي رشيد قتل ڪيس؛ پرويز مشرف جي نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو) غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي نئين ميڊيڪل رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي،جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي مقامي  عدالت ۾ غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي وڪيل اڳوڻي صدر جي نئين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ پرويز مشرف کي سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي،جنهن سبب هـُو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. هن عدالت کي گذارش ڪئي ته پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي جنهن تي فريادي جي وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته جڏهن اڳوڻو صدر ٽي وي انٽرويوز ڏئي سگهي ٿو ته عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ ان کانپوءِ عدالت غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻـُڌڻي پنج مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *