ليسٽر(اسپورٽس نيوز ) عورت آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايليسي پيري مرد رانديگرن کي پوئتي ڇڏيندي منفرد رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو. 26 سالن جي ايلسي پيري پنهنجي ون ڊي ڪيريئر ۾ ٽيون ڀيرو مسلسل 5 ميچز ۾ اڌ سينچري ٺاهڻ جو ڪارنامو انجام ڏئي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي قائد ڪين وليمسن کان اڳتي نڪري وئي. دنيا جي انهن ٻنهي بهترين بيٽسمينن هن وقت تائين پنهنجي ون ڊي ڪيريئر ۾ 2-2 ڀيرا مسلسل 5 ميچن ۾ اڌ سينچري ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو هو.