عورتون پنهنجي صلاحيتن کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪن: دپيڪا پڊوڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته سموريون عورتون پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجي انٽرويو ۾ اداڪارهچيو ته اسان کي عورتن جي حوالي سان ڏينهن ملهائڻ جي ضرورت ناهي ۽ اسان کي ان ڏينهن جو انتظار پڻ نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته عورتون انتهائي مضبوط ۽ جذباتي صلاحيتن جون حامل هونديون آهن، هن چيو ته سمورين عورتن کي منهنجو پيغام آهي ته هو پنهنجو پاڻ تي مڪمل اعتماد رکن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *