عورتن کي اداڪاري سوڌو هر شعبي ۾ مردن برابر معاوضو ملڻ گهرجي:سوناڪشي سنها

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها چيو آهي ته عورتن کي رڳو اداڪاري ۾ ئي نه پر هرشعبي ۾ مردن برابر سمجهيو وڃي ۽ انهن کي به مردن برابر ئي معاوضو ملڻ گهرجي. هندستان ٽائمز مطابق هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي سوناڪشي سنها چيو ته اڄوڪيون عورتون پنهنجي راءِ ونڊيندي نظر اچن ٿيون ۽ اها تبديلي رڳو شوبز ۾ ئي نه پر هر شعبي ۾ هجڻ گهرجي، هن چيو ته راند جو ميدان هجي، بزنس، اداڪاري يا ڪو ٻيو شعبو ڇو نه هجي، عورتن کي هر هنڌ مردن جي برابر معاوضو ملڻ گهرجي، جيڪو سندن حق آهي. سوناڪشي سنها شوبز ۾ موجود اداڪارائن جي گهٽ معاوضي جي حوالي سان چيو ته کيس اميد آهي ته اهو فرق ترت ختم ٿي ويندو، عزت ۽ شهرت ماڻڻ لاءِ اهو ناهي ڏٺو ويندو ته توهان مرد آهيو يا عورت، جيڪڏهن مونکي شوبز ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو معاوضي جو فرق آهي، جيڪو اڃا به موجود آهي،سندس چوڻ هو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اڃا به بهتري جي ضرورت آهي، اڄ ڪلهه ماڻهو گهڻو ڪجهه ڄاڻن ٿا ۽ هوءَ انهن ماڻهن جي ٿورائتي آهي، جيڪي عورتن جي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿا ٿين ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آواز ٿا اٿارين، سوناڪشي سنها هن وقت پنهنجي ٻن فلمن اڪيره ۽ فورس 2 جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *