عورتن جي تحفظ وارو بل: مولانا فضل الرحمان حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اڄ مذهبي پارٽين جو اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڄ مذهبي پارٽين جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ منظور ٿيل عورتن جي تحفظ واري بل بابت حڪمت عملي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، مولانا فضل الرحمان اجلاس لاءِ علامه ساجد مير ، سرا ج الحق ، ساجد نقوي  ۽ مولانا اويسنوراني سوڌو سمورين مذهبي قيادتن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته معاشري ۾ جاهلاڻو رويو ۽ تشدد موجود آهي، اسان سڀ ان جو خاتمو چاهيون ٿا،هن چيو ته اسان پهرين ئي چئي ڇڏيو هو ته پنجاب اسيمبلي ۾ منظور ٿيندڙ بل غير شرعي ۽ قانون جي خلاف آهي، اسان ان جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا ،مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي تحفظ بابت منظور ڪيل بل ۾ تشدد جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *