عورتن جي تحفظ لاءِ فرد، رياست ۽ معاشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪن: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي تحفظ لاءِ فرد رياست ۽ معاشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪري، ڪتاب (دختران پاڪستان) جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي عارف علوي ٻڌايو ته مسلم معاشري ۾ عورتن کي خاص مقام حاصل آهي، اسلام ۾ عورتن جي احترام جي خاص تلڪين ڪئي وئي آهي گذريل هفتي عورتن سان ٿيندڙ ٻن واقعن سان گهڻي تڪليف پهتي هن چيو ته عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي تڪڙي سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته عورتن جي معاشرتي تحفظ بابت قانون موجود آهن عمل جي ضرورت آهي، سڌرين ومن جي صف ۾ شامل ٿيڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلي جي ضرورت آهي سماجي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ عورتن جي تعليم خاص اهميت رکندڙ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *