عوام ۽ جمهوريت لاءِ جانيون قربان ڪندڙن کي پ پ فراموش نه ڪندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي جي اڳوال بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي ڪارساز شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ 16 آڪتوبر تي بلاول هائوس مان ڪارساز تائين اعلان ڪيل ريلي جي تيارين کان آگاهه ڪيو. ملاقات ڪندڙ اڳواڻن ۾ سينيٽر سعيد غني، شهلا رضا، راشد رباني، وقار مهدي ۽ نجمي عالم شامل هئا ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي ليڊيز ونگ جي صدر ايم اين اي فريال ٽالپر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه، نثار کهڙو، مولابخش چانڊيو ۽ جميل سومرو به موجود هئا پيپلزپارٽي ڪراچي جي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪارساز واقعي جي شهيدن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪا راولپنڊي ۾ هڪ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيڻ کان ٺيڪ 8 هفتا اڳ ان واقعي ۾ معجزاڻي طور تي محفوظ رهي کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ ڪراچي جي عوام کي وڏي پئماني تي ريلي ۾ آڻڻ لاءِ انهن ڪارڪنن سان ميٽنگ پمفليٽ بينر ۽ هينڊ بلز جي ذريعي متحرڪ ڪيو پيو وڃي بلاول ڀٽو چيو آهي ته ملڪ جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *