عوام کي ووٽ جي تقدس جي حفاظت ڪرڻي پوندي: نواز شريف

شيخوپوره (اين اين آءِ( پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف چيو آهي ته هتي سڀ منهنجا دشمن ٿي بيٺا آهن اهي بدلو وٺڻ چاهين ٿا نواز شريف الله کانسواءِ ڪنهن کان نه ٿو ڊڄي، 70 سالن کان جيڪو ڪجهه هن ملڪ سان ٿي رهيو آهي هاڻي نه ٿيڻ ڏينداسين، اوهان سان گڏجي تاريخ تبديل ڪنداسين، عوام کي پنهنجي ووٽ جي تقدس جي حفاظت ڪرڻي پوندي جيڪو ووٽ مسلم ليگ (ن) جي باڪس ۾ نه ويندو اهو ووٽ جي تقدس خلاف ويندو، ڪو ثابت ڪري ته مان 10 رپيا رشوت ورتي آهي ته سڄي عمر لاءِ ريٽائرڊ ٿي ويندس، عوام پڇا ڪري نواز شريف کي ڇو ڪڍيو ويو پاڪستان اندر انقلاب اچي رهيو آهي پ پ ۽ لالڏي جي پارٽي کان ڪنهن هڪ به منصوبي جو نالو پڇيو جيڪو انهن مڪمل ڪيو هجي، خيبرپختونخواهه جي حالت ڀڳل ٽٽل آهي، پشاور ۽ ڪراچي ۾ هر پاسي گند ۽ ڪچرو آهي 2018 جي چونڊن ۾ امپائرن جي آڱرين وارن جا دٻا خالي رهندا، آچر تي شيخوپوره ۾ عوام جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان ڪهڙو منظر ڏسي رهيو آهيان اوهان سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اوهان کي مبارڪون ڏيان ٿو، نواز شريف چيو ته نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ انشاءَ الله شيخوپوره لوڌران کان به اڳتي نڪري ويندو. هن چيو ته نواز شريف اڄ وزيراعظم ناهي، جهڙي طرح اوهان آجيان ڪئي ان جو مثال پهريان ناهي ڏٺو. اوهان نواز شريف کي پنهنجي دلين ۾ ويهاري ڇڏيو آهي مان ڀلا ڪيئن اوهان جا ٿورا مڃيا. جيڪو پيار شيخوپوره نواز شريف کي ڏنو آهي ان تي سڄي عمر نواز شريف خدمت ڪندو رهندو. انشاءَ الله نواز شريف اوهان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو. هن چيو ته اڄ هڪ نااهل وزيراعظم جي ايڏي وڏي آجيان ڪئي وئي آهي مان نااهل آهيان مون کي نااهل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي نواز شريف سوال ڪيو ته مون کي اوهان ڪيترن سالن لاءِ وزيراعظم چونڊيو هو جنهن تي عوام جواب ڏنو پنجن سالن لاءِ چونڊيو ويو هو، هن چيو ته مون کي ته پنج سال به پورا ڪرڻ نه ڏنا ويا، 1990 ۾ ڪيترن ئي سالن لاءِ چونڊيو ويو آهي جنهن تي ٻيهر عوام چيو ته پنجن سالن لاءِ جنهن تي نواز شريف چيو ته ٻن سالن کانپوءِ مون کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو نواز شريف سوال ڪيو ته 1997 ۾ ڪيترن سالن لاءِ چونڊيو ويو هو جنهن تي جواب مليو ته پنجن سالن لاءِ نواز شريف چيو ته ٽن سالن کانپوءِ موڪل ڏني وئي. هن چيو ته نواز شريف کي جلاوطن ڪيو ويو، وطن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، ڪال ڪوٺڙي ۾ وڌو ويو، اٽڪ جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، هٿ ڪڙيون لڳايون ويون ڀلا ائين ڇو ٿيو هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ ڳالهه اچي ٿي ته جيل ۾ ڇو وڌو ويو، ملڪ مان نيڪالي جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، هٿ ڪڙيون لڳائڻ جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ڇو ته نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، تنهن ڪري مون کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته 1990 ۾ موٽروي ٺاهي رهيو هيس، پاڪستان ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو هو جنهن تي مون کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته پ پ ۽ لاڏلي جي پارٽي کان پڇا ڪيو يا ڪنهن به پارٽي کان پڇيو ته انهن ڪو به هڪ منصوبو به ٺاهيو يا وري هڪ منصوبي جو نالو به ٻڌائين جيڪو انهن شروع ڪيو هجي يا مڪمل ڪيو هجي. هن چيو ته ڪهڙو پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ منصوبو جوڙيو آهي يا ڪنهن ٻئي پارٽي جو نالو ٻڌايو جنهن وڏو منصوبو ٺاهيو هجي. پاڪستان ۾ موٽروي ڪنهن ٺاهيو، لوڊشيڊنگ ڪنهن ختم ڪئي، پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪنهن ختم ڪئي، ڪراچي ۾ امن ڪنهن بحال ڪيو، اڄ اسپتالون ڪير ٺاهي رهيو آهي، اسڪول ۽ ڪاليج ڪير ٺاهي رهيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي وارو توهان هن ملڪ کي اونداهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو پر اسان اها اونداهي ختم ڪري روشنيون واپس آنديون آهن، اڄ خيبرپختونخواهه جو حال ڏسو، پشاور ۾ مٽي ۽ ڌوڙ آهي گند ۽ ڪچرو آهي ڪراچيءَ جو به ساڳيو ئي حال آهي الله جي فضل ۽ ڪرم سان شهباز شريف کي شاباس ڏيان ٿو جنهن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اڄ لاهور کي پاڪستان جو سڀ کان خوبصورت شهر بڻائي ڇڏيو آهي. شيخوپوره ۾ اسپتالون ٺهي رهيون آهن روڊ ٺهي رهيا آهن آبادگارن لاءِ ڀاڻ سستو ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جو ريٽ گهٽجي رهيو آهي. ملڪ ترقي ڪري رهيو هو پر بدقسمتي سان اڄ ٻيهر نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. نواز شريف چيو ته مون کي اميد آهي ته اوهان به ڪڏهن نواز شريف کي نه ڇڏيندا اسان گڏجي پاڪستان جي قسمت جاڳائي ڇڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *