عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙ عمران خان قوم جو ڏوهي آهي، کيس معاف نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙ عمران خان قوم جو ڏوهي آهي، کيس معاف نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري بجلي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان آءِ ايم ايف جي اشارن تي بجلي مهانگي ڪري مقامي کان عالمي هٿ ٺوڪئي جو روپ ڌاري چڪي آهي.  هن چيو ته نومبر جي بلن کان بجلي اگهن ۾ سالياني واڌ ڪري عوام جي کيسن تي اڳ ئي اربين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، معاشي ترقي جون دعوائون ڪاڏي ويون؟ سندس چوڻ هو ته اسان پهرئين ڏينهن کان پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ خلاف آواز اٿاريو، پ پ 10 ڊسمبر تي مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي، مهانگائي خلاف پ پ جي احتجاج جو تسلسل حڪومت جي خاتمي تائين ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *