عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊسڪا چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي سڀني نڪتن تي آپشنز بابت به آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ڪابينا کي سينيٽ چونڊن جي حڪمت عملي تي به بريفنگ ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا وزيراعظم جي سينيٽ چونڊن بابت فيصلن تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم ميمبرن کي سريلنڪا جي دوري تي به اعتماد ۾ ورتو. اجلاس ۾ ايل اين جي اگهن ۾ گهٽتائي تي به مشاورت ڪئي وئي، ڪابينا کي ايل اين جي اگهن بابت تفصيلي طور بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو ته غريبن کي وڌيڪ ڪو بار نه پئي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *