عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وينداۡ: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقياتي منصوبا مقرر وقت تي مڪمل ڪري رٿائن  ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي، غلفت ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ احسن اقبال ترقياتي رٿائن سميت مختلف معاملن تي وزير اعظم نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني. نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ ترقياتي رٿائن جو ڄار وڇايو ويو آهي، منصوبن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزير اعظم ترقياتي منصوبا مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رٿائن ۾ دير جو سبب بڻجندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبا مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *