عوام پنهنجي صفن ۾ لڪيل دهشتگردن جي نشاندهي ڪري: آرمي چيف

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمي جو عزم ڪري ورتو آهي ان لاءِ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ عوام پنهنجي صفن ۾ لڪيل دشمنن جي نشاندهي ڪري پاڪ فوج جي ترجمان مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم سينٽر پبي جو دورو ڪيو جتي هن سينٽر وٽ پاس آئوٽ ٿيندڙ پهرين ڪائونٽر ٽيررزم بيج جي مهارت جو جائزو ورتو تربيت حاصل ڪندڙ بيج ۾ 500 سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن جن ۾ صوبن مان پوليس ۽ ايليٽ فورس جا 200، رينجرز، ايف سي، ايس پي ڊي ۽ اي اين ايف جا 200 اهلڪار شامل آهن جڏهن ته 100 اهلڪارن جو تعلق پاڪ فضائيه ۽ بحريه سان آهي ان  موقعي تي جنرل راحيل شريف پاس آئوٽ ٿيندڙ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندر ادارن جي اهلڪارن جي تربيت لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين جو پيڇو ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جي تربيت ڪئي پئي وڃي هن جو چوڻ هو ته اسان جو انٽيليجنس نظام ايترو مضبوط هجي جو ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جو اطلاع ملي سگهي دهشتگردي خلاف آپريشن بنا خوف جاري رهڻ گهرجي جڏهن ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ عوام پنهنجي صفن ۾ لڪيل دشمنن جي نشاندي ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *